ڏاهپ جا ڏس

ڏاهپ جا ڏس

ڏاهپ جا ڏس

ڏاهپ جا ڏس (ڪتاب): هيءُ ڪتاب جڳ مشهور پارسي ۽ عربي ڪتاب ’ڪليله ودمنه‘ (نسخي) جو مڪمل سنڌي ترجمو آهي. هيءُ ڪتاب دنيا جي 100 عظيم ڪتابن (Great books) ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءُ ڪتاب اصل ۾ هندستان جي فيلسوف ۽ مفڪر بيدبا برهمڻ جو سنسڪرت ٻوليءَ ۾ تحرير ڪيل هو، جنهن کي پهرين ڪجهه واڌارن سان گڏ پهلوي (قديم فارسي) ٻوليءَ ۽ پوءِ ’ڪليله دمنه‘ نالي سان عربي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو. ڪِن روايتن موجب قديم زماني ۾ هن ڪتاب جا سنسڪرت مان چئن زبانن: تبتي، پهلوي (فارسي)، قديم سرياني ۽ عربيءَ ۾ ترجما ٿيا، جن مان فقط عربي ٻوليءَ وارو ترجمو باقي رهيو. جڏهن ته ٻيا ترجما هن وقت ناياب آهن. انهن سميت سنسڪرت ۾ لکيل اصل ڪتاب به ڪجهه سببن جي ڪري فنا ٿي ويو، پر محققن موجب ته هن ڪتاب جا پهريان پنج باب ’پنج تنتره‘ نالي سنسڪرت ڪتاب ۽ ٻيا ٽي باب مهاڀارت ۾ بيان ٿيل آهن، جڏهن ته اصل سنسڪرت وارو ڪتاب ڪل ٻارنهن بابن تي مشتمل هو. هيءُ ڪتاب ان ڪري به اهم آهي، جو هن جا ترجما ڪيترين ئي ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. ترجمو ٿيڻ جي ڪري مختلف نسخن ۾ ڪتاب جي متن ۾ ڪجهه اضافو به ٿيندو رهيو آهي. پهريان ٻه باب پهلوي زبان جي ترجمي ۾ وڌايا ويا ۽ پوءِ عربي زبان جي ترجمي ۾ پنجن بابن جو اضافو ڪيو ويو. جن مان پهريون باب علي بن شاهه جي فارسيءَ ’ڪتاب جو مقدمو‘ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي. هن باب ۾ ڪتاب جي تصنيف جو پسمنظر ۽ تاريخ ڏنل آهي. ٻيو عربي باب ’عربي مترجم جو مهاڳ‘ عبدالله بن مقفع جو لکيل آهي. ان کان سواءِ ٽيون باب ’دمنه تي انڪوائري‘ آهي. اصل سنسڪرت نسخي ۾ شينهن ۽ ڍڳي وارو باب شتربه جي قتل تي ختم ٿي وڃي ٿو. عربن ان باب ۾ اضافو ڪري پڙهندڙن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائي ته برائيءَ جو نتيجو بربادي ۽ هـلاڪـت آهي. عرب ليکڪن جي وڌايل ٻين بابن ۾ (1) عابد ۽ مهمان، ۽ (2) ڪبوتر، لومڙ ۽ لاکي ڄاڃي شامل آهن. ’ڪليله و دمنه‘ مان هڪ باب ’شينهن ۽ ڍڳو‘ جو سڀ کان پهريون ڇاپو 1786ع ڌاري هالينڊ ۾ شايع ٿيو. 1816ع ڌاري فرينچ ليکڪ ڊي. ساسي سڄو ڪتاب پئرس مان ڇپائي پڌرو ڪيو. مصر ۾ هيءُ ڪتاب بولاق مان 1249هه/1833ع ۾ شايع ٿيو. 1080ع ڌاري سمعان بن شيث عربيءَ مان يونانيءَ ۾ پهريون ڀيرو ترجمو ڪيو، 1697ع ۾ هئمبرگ ۾ ٻيو يوناني ترجمو شايع ٿيو، جنهن تان پوءِ قديم لاطيني ٻوليءَ ۽ 1788ع ۾ سلافي (قديم روسي) زبان ۾ هن ڪتاب جو ترجمو پيٽرسبرگ مان شايع ٿيو. فارسيءَ ۾ هن ڪتاب جا هڪ کان وڌيڪ ترجما ٿيا، جن ۾ ٽين صديءَ هجريءَ جي هڪ حاڪم ابو الحسن نصر بن احمد ساسانيءَ، نثر ۽ نظم ۾ ان جو ترجمو ڪرايو.
1151ع ۾ غزنوي خاندان جي حاڪم ابو المظفر بهرام شاهه فارسي ٻوليءَ ۾ ’ڪليله و دمنه‘ جو ترجمو ڪيو. نامور شاعر رودڪيءَ، هن ڪتاب جو فارسي نظم ۾ ۽ ايران جي مشهور عالم ملا محمد حسين ڪاشفي ’واعظ‘ هن ڪتاب جو فارسي نثر ۾ ’انوار سهيلي‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو، جنهن کي پوءِ امير ابو الفضل بن ملا مبارڪ مختصر ڪري ’عيار دانش‘ نالي سان ترجمو ڪيو. ان کان سواءِ هيءُ ڪتاب ترڪي زبان ۾ ’همايون نامه‘ نالي سان لاطيني زبان ۾ 1227ع ۾ ’Directorium Humanac Vitac‘ نالي سان ترجمو ٿيو. اسپيني، عبراني، ڊينمارڪي، روسي ۽ ڊچ زبانن ۾ پڻ هن ڪتاب کي ترجمو پڻ ڪيو ويو آهي. جرمن زبان ۾ هي ڪتاب ٿيوڊور بينفي 1859ع ۾ ليپزگ مان، ٻيو ڀيرو هر ٽيل 1909ع ۾ برلن مان ۽ ٽيون ڀيرو ٿيوڊور نولڊڪي 1912ع ۾ اسٽرئپرگ مان شايع ٿيو. ’ڪليله ودمنه‘ جو هڪ انگريزي ترجمو 1819ع ڌاري آڪسفورڊ پريس لنڊن مان شايع ٿيو. جڏهن ته مولوي حافظ الدين ان جو اردو ترجمو ’خرد افروز‘ نالي سان ڪيو. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن ڪتاب جو هڪ ترجمو ملا حسين واعظ ڪاشفيءَ جي فارسي ترجمي ’انوار سهيليتان 1950ع ۾ ’گلزار چنبيلي‘ نالي سان محمد بخش واصف ۽ احمد خان مصراڻيءَ ڪيو. جڏهن ته ان جو ٻيو سنڌي ترجمو عربي ترجمي ’ڪليله ودمنه‘ جي ساڳئي نالي سان مطبوعات ڪميٽي، يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي گڏجي 1984ع ۾ شايع ڪرايو، جنهن جو مرتب انتظار حسين ۽ مترجم بشير ڀٽي هو. سنڌيءَ ۾ هن ڪتاب جو ٽيون ترجمو سنڌ جي برک عالم، محقق ۽ اديب سيد علي مير شاهه عربي نسخي ’ڪليله و دمنه‘ تان 1989ع ۾ ڪيو، جيڪو قسطوار ’ماهوار آبادگار‘ ۾ شايع ٿيو، جنهن کي پوءِ ڪتابي صورت ۾ ’ڏاهپ جا ڏس‘ نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب ۾ ڏاهپ ۽ فلسفي جا اهم نُڪتا، جانورن جي ڪهاڻين ذريعي دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب جو مکيه مقصد آڳاٽي وقت ۾ شهزادن جي رهنمائي، اخلاقي سُڌاري ۽ اخلاقيات جا اصول سمجهائڻ هو. هيءُ ڪتاب تدريسي نوعيت جو ڪتاب آهي. جنهن ۾ ٻارن جي وندر سان گڏ سکيا پڻ فراهم ڪئي وئي آهي. هنن آکاڻين ۽ مثالن ۾ علم ۽ حڪمت جي نُڪتن سان گڏ عالمن جا قول به بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب جو اصل مضمون انسان آهي. تنهنڪري انساني اخلاقن کي سُڌارڻ لاءِ محبت، خلوص، وفاداري، چغل خوري، لالچ، حسد، اٻهرائي، دوستي، دشمني، انتقام ۽ ٻين انساني جذبن/ پهلُن کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ مترجم جي لکيل پيش لفظ سان گڏ علي بن شاهه جي فارسي ترجمي لاءِ لکيل مقدمو ۽ عربي مترجم عبدالله بن مقفع جي لکيل عربي مقدمي جو پڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو شامل آهي. ڪتاب جو هيءُ ٻيو ڇاپو مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور طرفان 2002ع ۾ شايع ڪيو آهي. پڪي جلد سان چار رنگي ٽائيٽل ۽ ڊيمي سائيز ۾ ڇپيل هيءُ ڪتاب 292 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو